پوڪو جو بهترين ڪيمرا ۽ نون فنڪشنز سان ليس نئون فون متعارف

مشهو ترين ٽيڪنالوجي برانڊ پوڪر ٽيڪنالوجي ۽ انٽرنيٽ جي شوقين واهپيدارن لاءِ هڪ نئون سمارٽ فون جين زيدن (Gen Z) متعارف ڪرايو آهي جيڪو سدائين هڪ نئين ۽ جديد فون جي ڳولا ۾ رهندو آهي.
پنج سال مڪمل ٿيڻ تي پوڪو طرفان پوڪو ايڪس فائيو (X5) پرو جي متعارف ڪرايو آهي جيڪو برانڊ جي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ڊوائس آهي ۽ اهو نون ۽ دلچسپ فنڪشنز سان ڀرپور آهي ۽ دنيا جي ٽيڪنيڪل ماهرن کي خوش ڪري ڇڏيو.
پوڪو ايڪس 5 پرو غير معمولي فنڪشنز سان ليس آهي جنهن ۾ اپ گريڊ ڪيل فنڪشنز، تيز ترين پروسيسنگ ۽ يقين جوڳي ڊسپلي ان جو حصو آهي.
پوڪو ايڪس 5 پرو جي 5 جي 5000 ايم اي ايڇ بيٽري سان 55 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي 4k شوٽنگ ڪري سگھجي ٿي جيڪا وڊيو ٺاهيندڙن لاءِ هڪ بهترين پلس پوائنٽ آهي. هاڻ واهپيدار سڄو ڏينهن اسٽريمنگ جاري يا شوٽنگ ڪري سگھن ٿا ڪڏهن به پاور ختم ٿيڻ جو فڪر نه رهندو. ان جي هڪ ٻي خاصيت ڊبليو 67 ٽربو چارجنگ آهي جنهن سان رڳو 7 منٽن ۾ بيٽري جي سطح کي 30 سيڪڙو تائين چارج ڪرڻ لاءِ اوهان کي هڪ سادي ڪافي بريڪ جي ضرورت پوندي.
مارڪيٽ ۾ پوڪو ايڪس 5 پرو جي 5 جي کي ٽن رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ڦڪي، نيري ۽ ڪاري ۾: اهو هاڻي ايم آءِ اسٽورز، دراز ۽ ڪور ڪارٽ تي آن لائين دستياب آهي. في الحال، رڳو هڪ ڪلر ۾ دستياب آهي.
8GB+256GB: 109,999 PKR

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.