ڇوڪرين کي خواهش پر رڪارڊ نوجوان ٺاهي ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اترپرديش ۾ 15 ورهين جي نوجوان مردن جي ڪيٽيگري ۾ سڀ کان ڊگھن وارن جو گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
پرڏيهي خابرو ادري جي رپورٽ موجب سيدڪديپ سنگهه ڪڏهن به پنهنجي وار ناهن ڪٽرايا ۽ انهن جي ڊيگهه 4 فوٽ 9.5 انچ ٿي چڪي آهي.
هن ٻڌايو ته هو پنهنجن ڊگهن وارن کي هفتي ۾ ٻه ڀيرا ڌوئيندا آهن ۽ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ پنهنجن وارن کي ڌوئڻ، خشڪ ڪرڻ ۽ برش ڪرڻ تي وقف ڪندا آهن.
هن چيو ته جيڪڏهن منهنجي ماءُ مدد ناهي ڪندي ته سڄو ڏينهن لڳي ويندو آهي. هن گنيز ورلڊ ڪارڊ کي ٻڌايو ته منهنجا گھڻا مائٽ اهو ڏسي حيران ٿي ويا آهن ته منهنجا ايترا ڊگهار وار ڪيئن ٿيا ۽ جڏهن پنهنجن مائٽن کي ٻڌايو ته هن وارن جي ڊيگهه سبب عالمي رڪارڊ قائم ڪيو آهي ته هنن مان ڪجهه کي يقين نه آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.