ڪنگنا رناوت پاڻ کي بدتميز ۽ انتهاپسند قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اڪثر پنهنجي تڪراري بيانن سبب خبرن ۾ رهندڙ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت پاڻ کي بدتميز قرار ڏئي ڇڏيو.
حقيقت ۾ ڪنگنا رناوت پاڻ تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏنو آهي، هن انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري اپ ڊيٽ ڪئي، جيڪا بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ڪنگنا اسٽوري ۾ لکيو ته ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته مان ڏاڍي بدتميز ۽ انتهاپسند آهيان، مون کي تشدد پسند آهي ۽ تشدد کي به مان پسند آهيان.
هن لکيو ته مان ٿوري بگڙيل آهن ۽ تمام گهڻي ضديري آهيان، ان کانسواءِ مان خطرناڪ حد تائين باصلاحيت به آهيان، ان کي چوندا آهن بيٽ مين، مان ائين ئي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.