پاڪستان اسان کي ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شاديون ڏسڻ ۾ آيون آهن جن ۾ ڪڏهن سرحد پار ڀارت کان ڇوڪري پاڪستان اچي وئي ته ڪو پاڪستان کان ڀارت هليو ويو، ان کانسواءِ گذريل ڏينهن ۾ عمر جي فرق کي وساري شاديون ڪندڙ جوڙا به سامهون آيا.
هاڻي تازو ئي ٽڪ ٽاڪ تي هڪ جوڙي جي شادي منجهائي وڌو آهي ته جنهن ۾ 34 ورهين جي نعيم شهزاد جيڪا پاڪستان جي شهر گجرات سان واسطو رکي ٿو، ان جي شادي 6 سال اڳ 70 کان وڏي عمر جي ڪينيڊين عورت سان ٿي.
نجي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ نعيم شهزاد ٻڌايو ته هنن جي دوستي 2012ع ۾ فيسبڪ تي ٿي هئي، عورت هن کي فرينڊ رڪويسٽ موڪلي ۽ 2015ع ۾ سندس زال ئي پهرينا محبت جو اظهار ڪيو ۽ شادي جي آڇ ڪئي.
نعيم موجب هن جي شادي 2017ع ۾ ٿي هئي پر ويزا جي مسئلي سبب هو ڪينيڊا نه وڃي سگھيو، گجرات جي شهري ٻڌايو ته جڏهن هنن جي دوستي ٿي ته هوءَ ذهني طور تي ٿوڙا پريشان هئا، عورت کيس مڪمل سپورٽ ڪيو جنهن سبب هو محبت ۾ گرفتار ٿي ويو.
نعيم شهزاد چيو ته ماڻهو چئي رهيا آهن ته آئون هن سان ڪينيڊا جي شهريت حاصل ڪرڻ لاءِ شادي ڪئي پر اهڙو ڪجهه به ناهي، اسان جي پنهنجي گھر ۾ ايترو سامان موجود ناهي، بس ضرورت جون شيون آهن، هيءَ ايتري گھڻي امير ناهي، هي تازو ئي 6 سالن کان پوءِ پاڪستان آئي آهي، هاڻ زال جو ارادو آهي ته 6 مهينا هتي ۽ 6 مهينا ڪينيڊا رهندي.
مون کي زال جي ڪري خبر پئي ته سالگرهه به ڪا شيءِ هوندي آهي
نعيم شهزاد ٻڌايو ته مون کي هن سان دوستي کان اڳ رڳو ايتري خبر هئي ته عيدون ۽ پاڪستان جي آزادي جا ڏينهن هوندا آهن پر هن ٻڌايو ته سالگرهه به ٿيندي آهي، هو منهنجي خاندان وارن کان سالگرهه پڇي مو کي بهاني بهاني سان پيسا موڪليندي هئي.
هن چيو ته آئون پهريان کان ويلڊنگ جو ڪم ڪندو هيس پر پوءِ هن مون کان ڪم ڇڏرايو، زال چيو هو ته ڊپلوما ڪر ۽ پوءِ ڪينيڊا اچ، اتان هن جو سٺو ڪم آهي پر پوءِ هن ڏٺو ته ويلڊنگ جي ڪم ۾ ڪيتري ڌوڙ مٽي آهي ته هن چيو ته ڇڏ ان کي، جيتري توکي پگهار ملندي آهي اها آئون ڏينديس.
وڏي عمر جي عورت سان شادي تي پيءُ ناراض آهي.
نعيم مون سان وفادار آهي: زال جو بيان
ڇوڪري جي زال چيو ته مون کي نعيم جون عادتون گھڻيون پسند آهن، هو ايماندار ۽ وفادار مڙس ثابت ٿيو آهي.
هن چيو ته شادي جا اهي 6 سال سٺا گذريا ۽ آئون هن سان محبت ڪندي آهيان.
نعيم شهزاد ماڻهن کي پيغام ڏنو ته زندگي ۾ ڪڏهن به شادي جو فيصلو پيسو ڏسي نه ڪريو، اهو ڏسو ته اوهان پنهنجي جيون ساٿي سان خوشي رهي سگھندا يا نه، اهو ڏسو ته اوهان کي محبت هجي.
نعيم موجب مون کي پنهنجي زال جي هر ڳالهه پسند آهي، مون کي ڇيڙيندي آهي، تنگ ڪندي آهي مون کي سندس هر ادا ڪيوٽنس نظر ايندي آهي.
You might also like