لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي پ پ جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو بابت گذريل ڏينهن جي بيان تي معذرت ڪري ورتي.
پنهنجي تازي بيان ۾ حنيف عباسي چيو آهي ته جيڪڏهن منهنجي بيان سان ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي ته معذرت ڪيان ٿو.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ عظيم اڳواڻ هو، جنهن ايٽمي پروگرام جو بنياد رکيو پر الميو آهي ته ڀٽو جي فلسفي تي ڪارڪردگي جي لحاظ سان عمل نه ٿيو.
واضح رهي ته حنيف عباسي گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پ پ وارا چوندا آهن ڀٽو جيئرو آهي پر ڀٽو مري چڪو آهي.
You might also like