گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ چوٿين شادي ڪندڙ شخص جي ڄڃ ۾ ٽين گهرواري پهچي وئي.
پوليس موجب رمضان جي پهرين گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي آهي ۽ ٻي گهرواري کي هن طلاق ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کانپوءِ رمضان ٽين شادي ڪئي هئي ۽ ان مان کيس 4 ٻار آهن.
هاڻ رمضان چوٿين شادي ڪري رهيو هو ته گهرواري جي پهچڻ تي پنهنجي شادي جي تقريب ڇڏي فرار ٿي ويو.
ٽين گهرواري مڙس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي ۾ درخواست ڏني آهي، جنهن تي پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
You might also like