مهانگين گاڏين کي نقصان کان بچائيندڙ ڪور تيار

مهانگيون گاڏيون رکندڙ شوقين ماڻهو گھڻو ڪري انهن جي حفاظت لاءِ فڪرمند نظر ايندا آهن، ان مقصد لاءِ جديد سيڪيورٽي لاڪس ۽ ٽريڪر سسٽم لڳايو ويندو آهي ته جيئن انهن کي چوري ٿيڻ کان بچائي سگھجي.
پر گاڏي کي رڳو چورن کان بچائڻ ئي ڪافي ناهي پر انهن کي مختلف قسمن جي نقصانن کان به بچائڻو پوندو آهي.
هاڻي اهو ضروري ناهي ته گاڏي قيمت رکندڙ هر شخص وٽ هڪ محفوظ گيراج هجي جتي هو گاڏي بيهاري سگھي.
هڪ ڪمپني ٽرانسپيرنٽ پلاسٽڪ ڪور تيار ڪري اها ڏکيائي سولي ڪري ڇڏي آهي.
پلاسٽڪ جو اهو ڦوڪڻي جهڙو ڪور ايترو مضبوط آهي جو ان تي ڳري ڏاڪڻ، ٿلهي ٽائر، هٿوڙي سوڌو اوزار ۽ وزني شيون اُڇليون وڃن تڏهن به نه اهو ڦاٽندو ۽ نه ئي ٽٽندو.
ٽوئيٽر تي هڪ 50 سيڪنڊن جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جي چمڪندڙ فراري گاڏي بيٺل آهي ۽ ان تي پلاسٽڪ جو اهو ڪور چڙهيل آهي.
ويئر هائوس ۾ موجود سامان ان ڪور کي زور سان هنيو پيو وڃي پر ڪور پنهنجي جاءِ تي بلڪل محفوظ آهي ۽ ان کي ڪجهه به نٿو ٿئي.
ان وڊيو کي هيل تائين 25 لک کان وڌيڪ ڀيرا ڏٺو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.