ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليمو کائڻ شگر لاءِ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.
ليمي ۾ سائٽرڪ ايسڊ، پوٽاشيم ۽ فليونائيڊز عنصر هوندا آهن.
ليمون وٽامن سي سان ڀرپور هوندو جيڪو جسم کي فري ريڊيڪلز سبب ٿيندڙ نقصان کان بچائيندو آهي.
ليمي ۾ موجود وٽامن سي شگر کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
شگر جي مريضن کي اڪثر پيٽ جا مسئلا ٿيندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ روز صبح خالي پيٽ ليمو پاڻي پيئڻ سان ميٽابولزم درست ڪري سگهجي ٿو.
ليمي ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس هوندا آهن جيڪي جسم ۾ سوڄ کي گهٽ ڪرڻ ۽ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
ليمي ۾ پوٽاشيم جو هڪ وڏو ذخيرو هوندو آهي، اهو هڪ ضروري عنصر آهي جيڪو بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
ليمي ۾ پيڪيٽين فائبر هوندو آهي جيڪو هڪ حل ٿيل فائبر آهي. اهو بلڊ شگر ليول کي گهٽ ڪندو آهي.
ليمي ۾ موجود وٽامن سي انسولين جي حساسيت کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.
ليمي ۾ موجود وٽامن سي اهم عذائيت اهي جيڪا قوت مدافعت وڌائيندي آهي.