ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مليڪا شيراوت هندي ۽ ڏکڻ هندستاني فلمن جي مشهور اداڪارا آهي، جنهن انوراگ باسو جي فلم مرڊر ذريعي پنهنجي سڃاڻ ٺاهي.
اڄ هو هر فلم لاءِ 30 لک رپيا وصول ڪندي آهي.
سندس ملڪيت مجموعي طور تي 113 ڪروڙ رپين جي ٻڌائي پئي وڃي.
ڪجهه اطلاعن موجب مليڪا شراوت جي ڪل آمدني 170 ڪروڙ رپيا آهي.
سندس سالياني آمدني 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، هو ماهوار 2 ڪروڙ رپيا ڪمائيندي آهي ۽ ممبئي جي شهر انڌيري ۾ رهندي آهي.
مليڪا شراوت وٽ مهانگيون گاڏيون به آهن جن ۾ ليمبورگيني گاڏي به شامل آهي.