ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ شروع ٿيل لفظي جنگ شدت اختيار ڪري وئي، ٻنهي جماعتن جي اڳواڻن طرفان هڪٻئي تي لفظي گولاباري جاري آهي.
ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي طرفان ”ڀٽو زندهه نه مري چڪو آ“ جي بيان تي ردعمل ۾ پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو ته ن ليگ کي حنيف عباسي جهڙن ماڻهن کي لغام ڏيڻ گهرجي، اهڙي ڪِريل گفتگو جاري رهي ته اتحاد ته پري جي ڳالهه ٻيو ڪجهه سوچينداسين.
هن چيو اسان پاڻ تي تنقيد برداشت ڪري سگهون ٿا پر اسان جي قائدن خلاف بڪواس نه ڪيو، اسان جي منصوبن جي ن ليگ ئي مخالفت ڪئي نه ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها.
سندس موجب ن ليگ کي پ پ تي ڇا جي ڪاوڙ آهي مون کي خبر ناهي، انهن کي سهارو کپندو هوندو اسان کي ان جي ضرورت ناهي، پ پ کي رڳو عوام جو سهارو آهي، انهن کي سهارو نه هوندو ته کين پنهنجي اوقات جي خبر پئجي ويندي.
شازيا مري چيو ته ڀٽو زندهه آهي جو نعرو حقيقت ۾ هڪ عوامي فلسفو آهي، ملڪ ۾ جمهوري عمل جو تسلسل ضروري آهي، رڳو پ پ ئي جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ اڪيلي جماعت آهي.
Prev Post
You might also like