همراهه جي هڪ ئي وقت ٻن ڀينرن سميت ستن ڪنوارن سان شادي

آفريقي ملڪ يوگانڊا ۾ شهري 7 ڇوڪرين سان هڪ ئي ڏينهن شادي ڪري ڇڏي جن مان ٻه سڳيون ڀينرون آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب 43 ورهين جي حاجي حبيب سڪونين نالي هڪ ڪاروباري هڪ ئي تقريب ۾ 7 ڇوڪرين سان شادي ڪئي، سندس ٻه ڀينر پاڻ ۾ سڳيون ڀينر آهن.
حبيب سڪونين شادي کان پوءِ هڪ عاليشان وليمي جي تقريب رٿي جنهن ۾ مائٽن سميت ڇوڪرين جي گھرڀاتين ۽ شهر جي معززين شرڪت ڪئي.
رپورٽس موجب حبيب پنهنجي هر زال کي تحفي ۾ زيرو ميٽر گاڏي ڏني، يعني حبيب 7 گاڏيون زالن کي تحفي طور ڏنيون، ان کانسواءِ هن پنهنجي 6 سسن ۽ سهرن کي قيمتي تحفا ڏنا.
ميڊيا رپورٽس موجب اها حبيب جي پهرين شادي ناهي، ان کان اڳ هو شادي شدا هو ۽ سندس پهرين شادي کي ست سال ٿي چڪا آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب اتي موجود ماڻهن کي يقين نه پئي آيو ته اهو سچ آهي، اهڙو پروگرام پهريون ڀيرو ڏسڻ لاءِ مليو، شاندان آجيان کان پوءِ حبيب پنهنجين ڪنوارين سان گڏ گاڏين جي هڪ وڏي قافلي ۾ پنهنجي گھر پهتو.
حبيب شاديون ڇو ڪيون؟
آجيان جي موقعي تي پنهنجين زالن جو تعارف ڪرائيندي حبيب ٻڌايو ته آئون پنهنجو خاندان وڏو ڪرڻ لاءِ هنن سڀني سان هڪ ئي وقت شاديون ڪيون آهن، آئون چاهيان ٿو ته منهنجي فيملي تمام وڏي ۽ خوش هجي.
گھوٽ جو چوڻ هو ته هو 100 ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ زالون رکڻ جو منصوبو بڻائي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي خاندان ۾ ٿورا ماڻهو آهن، ان ڪري آئون گھڻا ٻار پيدا ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن هڪ وڏو خاندان بڻائي سگھان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.