گرمي جي ستايل ڪراچي واسين لاءِ سٺي خبر، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي گرميءَ جي ستايل ڪراچي واسين کي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته 18 کان 20 سيپٽمبر دوران وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته چوماسي هوائن جو سلسلو اوڀر سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، آچر تي ڪراچي جي موسم گرم رڪارڊ ٿي سگهي ٿي، گرمي جي شدت 32 کان 34 ڊگري تائين محسوس ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب ٺٽي، عمرڪورٽ، ٿرپارڪر ۽ سانگهڙ ۾ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ کان 19 سيپٽمبر دوران خيرپور، بدين، سجاول سميت ٻين ضلعن ۾ برسات پئجي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.