عوامي آواز جي خبرن تي صحت کاتو جاڳي پيو، مٺياڻي اسپتال ۾ دوائن جي فراهمي

مٺياڻي (ويب ڊيسڪ) عوامي آواز ۾ دوائن جي کوٽ جون خبرون شايع ٿيڻ کانپوءِ صحت کاتي جاڳي پيو ۽ مٺياڻي اسپتال ۾ دوائون فراهم ڪيون ويون.
ڊي ايڇ او نوشھروفيروز ڊاڪٽر اسدالله ڪلهوڙو دوائن جي کوٽ جو نوٽيس وٺندي مٺياڻي اسپتال ۾ دوائون فراهم ڪري ڇڏيون، غريبن کي دوائون ملڻ تي شھرين ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي.
علائقي جي سڄاڻ ڌرين عبدالصمد سولنگي، تنوير علي ملڪ، سرفراز سولنگي، فدا حسين سولنگي ۽ ٻين عوامي آواز جا ٿورا مڃيندي چيو ته عوامي آواز غريبن جو آواز آهي، مٺياڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ جي سنگين مسئلي کي حل ڪرائڻ تي عوامي آواز کي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.