ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان ارجنا رانا ٽنگا بي سي سي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ هڪ ٽيم کي فائدو ڏنو ويو جيڪو تباهه ڪندڙ اثرن کي جنم ڏيندو.
هڪ بيان ۾ هن انڪشاف ڪندي چيو ته ٽورنامنيٽ جا قانون يڪدم تبديل ڪيا ويا جيڪو غلط آهي، پاڪ-ڀارت ميچ ۾ ريزرو ڊي رکي ڀارتي ٽيم کي فائدو ڏنو ويو .
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن اِهو سڀ ڪجهه ٿي رهيو هو ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ آءِ سي سي ڪٿي هئي، هڪ بورڊ ۽ شخص طاقتور آهي، ائين نه هلندو.