پرويز الاهي کي ڪهڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي گرفتاري تي اينٽي ڪرپشن پنجاب جو بيان سامهون آيو آهي.

اينٽي ڪرپشن پنجاب جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي کي راولپنڊي مان لاهور ماسٽر پلان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن پنجاب جي ترجمان موجب، پرويز الاهي لاهور ماسٽر پلان منصوبي ۾ مالي فائدن لاءِ جعلسازي ڪئي، پرويز الاهي ماسٽر پلان ۾ ڦيرڦار ڪري پنهنجون زمينون لاهور ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ترجمان جو چوڻ آهي ته لاهور ماسٽر پلان ۾ ڦيرڦار لاءِ ڪنسلٽنٽ فرم جون جعلي مهرون ۽ مونو گرام استعمال ٿيو، ڪنسلٽنٽ جي ترتيب ڏنل ماسٽر پلان ۾ جعلي ڪاغذن جو اضافو ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن ترجمان اِهو به ٻڌايو ته زرعي زمين کي ڪمرشل ۽ رهائشي اسڪيمن ۾ تبديل ڪري اربين رُپين جو فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پوريز الاهي مالي مفاد لاءِ عهدي ۽ آفيس جو ناجائز استعمال ڪيو.

ترجمان موجب، پرويز الاهي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري لاڳاپيل آفيسرن کان رٿا منظور ڪرائي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي خلاف لاهور ماسٽر پلان ۾ جعلسازي تي اينٽي ڪرپشن لاهور ۾ ڪيس داخل آهي، لاهور ماسٽر پلان ڪرپشن ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.