عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته مختلف بيمارين لاءِ ڊگھي عرصي کان پٺن ذريعي ويڪسين فراهم ڪئي ويندي آهي، ويڪسين جسم ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ سرنج جو استعمال ڪيو ويندو آهي، اهو عمل گھڻو تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، پر سائنسدانن زبان ذريعي ڏني ويندڙ ويڪسين تيار ڪري ورتي آهي جيڪا جلد متعارف ڪرائي ويندي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾ بائيولوجي ميٿڊز اينڊ پروٽوڪولز جي هڪ تازي مقالي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سارس ۽ ڪووڊ ٻه جو مطالعو ڪندڙ محققن زباني طور تي ويڪسين ڏيڻ جو نئون طريقو دريافت ڪيو آهي جيڪو نه رڳو استعمال ۾ سولو آهي پر بيمارين جو مقابلو ڪرڻ ۾ به وڌيڪ اثرائتو آهي.
ڪو به وائرس انساني خلين ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ايپي ٿيليئل خلين جي ٻاهرين سطح تي هوندو آهي جيڪو ڦڦڙن، نڪ ۽ وات ۾ بلغم پيدا ڪرڻ جو سبب بڻبو آهي.
اينٽي باڊيز ڪنهن به وائرس کي بي اثر ڪرڻ جو بهترين طريقو ثابت ٿي سگھي ٿو، اهو هڪ مخصوص ڪلاس جهڙو امينوگلوبين اي چورائيندوآهي بلغم گھٽائيندو آهي ۽ وائرس کي غير فعال ڪري سگھي ٿو.
پر، ڪنهن مخصوص وائرس لاءِ مخصوص امينوگلوبينز/اينٽي باڊيز جي پيداوار کي سڀ کان اڳ ويڪسينيشن ذريعي وڌائڻو پوندو آهي ويڪسينيشن جي اثرائتي طريقي سان امينوگلوبين اي اينٽي باڊيز تيزي سان تيار ڪندي آهي بيماري کي بهتر طور تي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي.
ان مطالعي ۾ سارس ۽ ڪووڊ ٽو جي خلاف هڪ نئين ويڪسينيشن جي جاچ ڪئي وئي آهي، جيڪا ڀولڙن ۾ زباني طور تي (زبان جي هيٺان) امينوگلوبين اي جي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيل هئي.
پر ان لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي ۽ ان کان پوءِ محقق ڪورونا وائرس جي خلاف زباني ويڪسين پيش ڪرڻ جوڳا ٿي سگھندا، جيڪا ان بيماري جي خلاف وڌيڪ مشهور ۽ وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي سگھندي.
You might also like