لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جو نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي انجري واري معاملي تي ردعمل اچي ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بورڊ جي نسيم شاهه جي انجري تي نظر آهي، نسيم شاهه جي سارسنڀال لاءِ طبي ماهرن سان رابطي ۾ آهيون.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه جي ڪرڪيٽ ۾ واپسي جو فيصلو طبي رپورٽن جي روشني ۾ ڪيو ويندو.
ياد رهي ته نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ايندڙ سال ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ ۾ ٻاهر ٿيڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي.
نسيم شاهه ايشيا ڪپ دوران ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪلهي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ هن سريلنڪا خلاف سُپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ به حصو نه ورتو هو.