ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ نالو ڪمائڻ کان پوءِ اداڪارا هما قريشي نئين شعبي ۾ قدم رکي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب بالي ووڊ اداڪارا هما قريشي هاڻ رائٽر به بڻجي وئي آهي. هما قريشي جو سپر هيرو جي ڪردار تي ٻڌل پهريون ناول ”زيبا اين ايڪسيڊينٽل سپر هيرو“ ڊسمبر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
View this post on Instagram
بالي ووڊ ۾ هڪ ڏهاڪي کان پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندڙ هما قريشي پنهنجي ناول بابت سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو آهي ته آئون پنهنجي زندگي مان اهو سکيو ته اوهان جيئن به آهيو جيڪي به خوبيون خاميون آهن انهن کي تسليم ڪرڻ ۽ قبول ڪرڻ ئي اوهان کي بااختيار ۽ طاقتور بڻائي ٿو.
هما قريشي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هتي هر شخص جي پنهنجي ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ وڏي تصوير جو هڪ وڏو ٽڪرو هوندي آهي. مضبوط عورتن جون ڪهاڻيون پيش ڪرڻ ۽ سامهون آڻڻ نه رڳو وقت جي ضرورت آهي پر اها ايندڙ نسلن لاءِ به رهنمائي جو سبب بڻبي.