واٽس ايپ چينلز ڪيئن استعمال ڪجن؟ انهن ۾ نئون ڇا آهي؟

واٽس ايپ چينلز نالي فيچر جون 2023ع ۾ متعارف ڪرايو هو جيڪو ان وقت ڪجهه ملڪن تائين محدود رکيو ويو هو پر هاڻ ان کي پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
هاڻي سڄي دنيا ۾ واهپيدار چينلز کي فالو ڪري سگھندا ۽ ان لاءِ سرچ ايبل ڊائريڪٽري جي مدد وٺي سگھندا.
واهپيدار سرچ ڪري پنهنجي پسنديدهه ٽيمن، مشغلن، شخصيتن يا ٻين شعبن جي اپ ڊيٽس تي ٻڌل چينلز کي فالو ڪري سگھندا.
انهن چينلز جي ايڊمنس لاءِ چينلز جي ذريعي ٽيڪسٽ، فوٽوز، وڊيوز، اسٽيڪرز ۽ پولز وڏي پيماني تي ماڻهن سان شيئر ڪرڻ ممڪن هوندو.
150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ فيچر کي متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ ان ۾ ڪجهه انوان اضافا به ڪيا پيا وڃن.
ڇا ان تي ردعمل ڏئي سگھبو؟
واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هاڻ واٽس ايپ جي هڪ اهڙي فيچر تي ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن کان پوءِ واهپيدار انهن اپ ڊيٽس تي رپلاءِ ته نه ڪري سگهندا پر ردعمل ضرور ڏئي سگھندا.
بيٽا واهپيدارن لاءِ مختلف ايموجيز پيش ڪيا ويا آهن جن کي استعمال ڪندي اهي اپ ڊيٽ تي تريف، اداسي، حيرت يا مزاحيا ردعمل ڏئي سگھندا جيئن فيسبڪ جي پوسٽ تي ڏنا ويندا آهن.
اهو فيچر في الحال آزمائش جي لاءِ ڪجهه واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جنهن کي جلد سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويندو.
واٽس ايپ پنهنجي سپورٽ پيج تي هڪ نوٽ به جاري ڪيو آهي جنهن موجب اهي ماڻهو جيڪي چينل کي فالو ناهن ڪندا پر ڏسندا آهن اهي به اپ ڊيٽ تي ايموجيز موڪلي سگھندا، يعني پنهنجو ردعمل ڏئي سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.