ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته سندس مڙس سيف علي خان جي عقيدي ۽ عمر تي ڳالهه نه ٿيڻ گھرجي.
ڀارتي اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ بالي ووڊ اسٽار ڪرينا ڪپور جو چوڻ هوته شادي ۾ عمر ۽ عقيدي سان فرق ناهي پوندو. اسان ٻئي هڪ ٻئي کي پسند ڪندا آهيون، هڪ بئي جو احترام ڪندا آهيو ۽ هڪ بئي سان خوش آهيون اها ڳالهه اهم آهي. سيف جي عقيدي عمر تي بحث نه ٿيڻ گھرجي.
اداڪار سيف علي خان 53 ورهين جو آهي جڏهن ته سندس زال ڪرينا ڪپور 44 سالن جي. ٻنهي جي شادي 10 سال اڳ ٿي هئي ۽ ٻئي ٻن پٽن جا والدين آهن.