نسيم شاهه جي مداحن لاءِ بُري خبر

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.

نسيم شاهه ايشيا ڪپ دوران ڀارت خلاف ميچ ۾ ڪُلهي جي انجري جو شڪار ٿي ويو هو جنهن سبب هُن سريلنڪا خلاف ايشيا ڪپ سُپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾ به حصو نه ورتو هو.

ان ڏس ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم به بيان ڏنو ته نسيم شاهه ورلڊ ڪپ تائين مڪمل فٽ ٿي ويندو ۽ ٽيم کي جوائن ڪندو.

مشهور ڪرڪيٽ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، نسيم شاهه جي ظاهر طور معمولي نظر ايندڙ انجري انتهائي سنگين نوعيت جي آهي.

رپورٽ موجب، ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ڪُلهي جي انجري سبب نسيم شاهه پوري ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي نه ڪري سگهندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو بيان سامهون ناهي آيو، پر سندس رپورٽ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته نسيم شاهه سڄو سال ڪرڪيٽ پري رهڻو پوندو.

ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، انجري سبب نسيم شاهه جي نه رڳو آسٽريليا خلاف ٽيسٽ سيريز پر پي ايس ايل جي ايندڙ ايڊيشن ۾ شموليت تي به سواليا نشان لڳي ويو آهي.

نسيم شاهه ويجهن ذريعن موجب، وڌيڪ اسڪين کانپوءِ صحيح صورتحال جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پي سي بي ميڊيڪل پئنل جلد ڪنهن ٻيءَ جاءِ تي اسڪين ٽيسٽ جا انتظام شروع ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي جلد نسيم شاهه بابت بظابطا اعلان ڪندو، نسيم شاهه جي رپورٽون معائني لاءِ انگلينڊ اُماڻيون ويون آهن، انگلينڊ ۾ جائزي کانپوءِ فاسٽ بالر بابت حتمي فيصلو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.