ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن سريلنڪا پاڪستان کي هارائي ايشيا ڪپ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو جنهن سبب پاڪستاني مداحن ۾ شديد مايوسي ڇائنجي وئي ۽ رانديگرن کي به شڪست ڏُکارو ڪري ڇڏيو آهي.
ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيڻ کانپوءِ بابر اعظم جي ساٿي رانديگرن تي ڪاوڙ ڪرڻ جو خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن.
ذريعن موجب، سريلنڪا خلاف ميچ ختم ٿيڻ کانپوءِ ڊريسنگ روم ۾ بابر اعظم ڪاوڙ ۾ نظر آيو ۽ هو ساٿي رانديگرن جي ڪارڪردگي مان خوش نه هو.
Breaking: Babar Azam wasn’t happy with the players in the dressing room after the match. He told the players ‘Khud ko ziyada superstars na samjhein, World Cup sir pe hay. Agar hum aik ho kar khelte toh match jeet sakte thay’ Oh my captain, relax ☹️♥️
– via Qadir Khawaja… pic.twitter.com/GeSOM0yIG0
— Farid Khan (@_FaridKhan) September 15, 2023
ان موقعي تي بابر اعظم رانديگرن کي چيو ته پاڻ کي گهڻو سُپر اسٽار نه سمجهيو، ورلڊ ڪپ مٿان آهي، جيڪڏهن اسان هڪ ٿي کيڏون ها ته سريلنڪا کان کٽي وڃون ها.