هاسٽل ۾ شاگردياڻي کي يرغمال بڻائي جنسي زيادتي، جوابدار گرفتار

منيسوٽا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پوليس گرل فرينڊ کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ ۽ جسماني تشدد ڪرڻ تي 19 ورهين جي نوجوان ڪيانو ليبنيٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
آمريڪي خابرو اداري موجب سينٽ ڪيٿرين يونيورسٽي جي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردياڻي انتظاميا کي جنسي زيادتي ۽ پاڻ تي ٿيل تشدد کان آگاهه ڪيو جنهن تي پوليس کي طلب ڪيو ويو.
شاگردياڻي پوليس کي ٻڌايو ته هن جي دوست هاسٽل جي ڪمري ۾ کيس يرغمال بڻايو جنهن دوران ڪيترائي ڀيرا کيس زيادتي ۽ جسماني تشدد جو نشانو به بڻايو ويو. انڪار ڪرڻ تي پاڻي جي ٽب ۾ ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گهٽو ڏيڻ ۽ چاقو جي زور تي زيادتي ڪئي وئي.
ڇوڪري ٻڌايو ته هوءَ ڪمري مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ يونيورسٽي جي انتظاميا کي ٻڌايو جنهن تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪرڻ هاسٽل پهتي.
جوابدار پوليس کي ڏسي گرل فرينڊ کي ڪيترائي فونز ڪيا ۽ جڏهن ڇوڪري فون اٽينڊ نه ڪيو ته هن ٽيڪسٽ ميسيج تي ڇوڪري کان پڇيو ته پوليس ٻاهر ڇو بيٺي آهي.
ان دوران پوليس اهلڪار دري ذريعي ڪمري ۾ داخل ٿيا ۽ 19 ورهين جي جوابدار کي گرفتار ڪيو.
سينٽ ڪيٿرين يونيورسٽي ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ ۽ شاگردياڻي جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ کان معذرت ڪندي چيو آهي ته ان سان متاثر ناري کي ٻيهر صدمو پهچندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.