ڏکڻ آفريڪا جي فرنچائز ٽورنامينٽ ” سائوٿ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي “ جي سيزن ٽو جي آڪشن ۾ پنج پاڪستاني پليئرز کي شامل ڪيو ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ لاءِ 14 ملڪن جا 122 رانديگر 27 سپٽيمبر تي ٿيندڙ نيلامي لاءِ رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن جنهن ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر نسيم شاهه، محمد نواز، شان مسعود، اساما مير ۽ عثمان قادر شامل آهن.
نسيم شاهه، محمد نواز ۽ شان مسعود جي ريزروڊ پرائز اٺ لک پنجاهه هزار پائونڊ ڏکڻ آفريڪي رينڊ( ڏکڻ آفريڪي ڪرنسي ) آهي.
پاڪستان ڪرنسي ۾ اِها رقم هڪ ڪروڙ 32 لک رُپيا ٿئي ٿي.
ان کانسواءِ اساما مير عثمان قادر سوا چار لک رينڊ جي بيس پرائس سان رجسٽرڊ ٿيو آهي جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 66 لک ٿيندي.
ٻئي پاسي پاڪستان جي اڳوڻي انٽرنيشل ڪرڪيٽر حماد اعظم آمريڪي رانديگر طور رجسٽرڊ ٿيو آهي.