سويڊن جي سندري پاڪستان واسي سان شادي ڪرڻ پهچي وئي

سوات (ويب ڊيسڪ) سويڊن سان واسطو رکندڙ عورت سوات جي نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي چار باغ پهچي وئي، ٻنهي نڪاح به ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب سويڊن سان واسطو رکندڙ 44 ورهين جي تتيارت ينتاست جي چارباغ جي علائقي آله آباد جي رهواسي 23 ورهين جي احمد شاهه سان سوشل ميڊيا تي دوستي ٿي وئي هئي ۽ دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي، محبت هٿان ماريل عورت جيڪا اڳ ئي طلاق يافتا آهي ڪجهه ڏينهن اڳ سوات پهتي ۽ خميس ڏينهن اسلام قبول ڪرڻ بعد مقامي عدالت ۾ احمد شاهه سان نڪاح ڪري ورتو.
نڪاح ناجي جي حلفي بيان ۾ عورت چيو آهي ته هوءَ پنهنجي مرضي سان آئي آهي ۽ پنهنجي مرضي سان شادي ڪري رهي آهي، اسلام به هن پنهنجي ئي مرضي سان قبول ڪيو آهي. ٻنهي جي شادي جي موقعي تي نوجوان جي گھرڀاتين به خوشي جو اظهار ڪيو ۽ عورت جي ڀرپور آجيان ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.