سياستدانن خلاف ڪرپشن ڪيسز بحال، نيب وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته نگران وزيرِ اعظم انواز الحق ڪاڪڙ خلاف جاچ ميرٽ تي ختم ڪئي وئي هئي.

نيب اختيارين جو اِهو بيان اڄ سُپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمن جي حوالي سان ٻڌايل فيصلي کانپوءِ جاري ڪيو ويو آهي.

نيب اختيارين موجب، نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ خلاف شڪايت جو نيب ترميمن سان ڪو تعلق نه هو.

نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ خلاف ڪوئيٽا ۾ اثاثن جو ڪيس کوليو ويو هو.

نيب ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته جاچ دوران نگران وزيراعظم جا اثاثا نه مليا ۽ معاملو سندس وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان اڳ ئي ختم ٿي چڪو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.