روس پاران آمريڪا جي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس آمريڪا جي ٻن سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب روس جي پرڏيهي وزارت خميس ڏينهن ٻن آمريڪي سفارتڪارن کي ستن ڏينهن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو چيو آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب پرڏيهي وزارت چيو ته ٻئي سفارتڪار غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث هئا.
وزارت جي هڪ بيان ۾ الزام لڳايو ويو ته روس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي فرسٽ سيڪريٽري جيفري سلن ۽ ٻئي سيڪريٽري ڊيوڊ برنسٽين روسي شهر ولادي ووسٽوڪ ۾ آمريڪي قونصل خاني جي هڪ اڳوڻي ملازم سان رابطو ڪيو هو جنهن کي هن سال جي شروعات ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اڳوڻي ملازم تي يوڪرين ۾ روس جي فوجي ڪارروائي ۽ ان جي لاڳاپيل معاملن بابت آمريڪي سفارتڪارن لاءِ ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو الزام آهي.
هوڏانهن سفارتڪارن جي ملڪ مان بي دخلي تي آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته سفارتڪارن جي بي دخلي ميرٽ کانسواءِ آهي، روس تعميري سفارتڪاري جي ڀيٽ ۾ تڪرار جي چونڊ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.