اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سونهن مقابلي ۾ پهريون ڀيرو پاڪستاني سندرين شرڪت ڪئي آهي پر وفاقي حڪومت سونهن مقابلي کان لاتعلقي جو اعلان ڪيو آهي.
اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي جو چوڻ آهي ته سونهن مقابلي ۽ پاڪستاني عورتن جي شرڪت سان حڪومت جو ڪو واسطو ناهي.
هن چيو ته اسان جي حڪومت ڪنهن غير رياستي ۽ غير حڪومتي فرد يا اداري کي اهڙي سرگرمي جي اجازت نٿي ڏئي.
ياد رهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي سڀ کان وڏي سونهن مقابلي مس يونيورس ۾ پاڪستاني سندريون به حصو وٺي رهيون آهن.