پي آءِ اي ملازمن جي پگهارن بابت خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي آءِ اي ملازمن لاءِ سٺي خبر آهي ته کين پگهارون ادا ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب بينڪن بعد سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان پي آءِ اي کي مالي سهڪار فراهم ڪيو ويو آهي.

سول ايوي ايشن اٿارٽي پي آءِ اي کي هڪ ارب رپين جا فنڊز جاري ڪيا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته فنڊز ملڻ تي پي آءِ اي ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون ويون آهن.

قومي ايئر لائن جي نجڪاري جو فيصلو ٿيندي ئي بينڪن پي آءِ اي لاءِ قرض منظور ڪري ورتو آهي.

آمريڪا ۾ پي آءِ اي جو روزويلٽ هوٽل به نجڪاري لسٽ ۾ شال آهي، بينڪن طرفان پي آءِ اي کي 18 ارب رپيا

قرض ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.