دپيڪا پڊوڪون مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو معاوضو وڌيڪ ڇو وٺندي آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪوئين دپيڪا پڊوڪون چيو آهي ته مڙس رنوير سنگهه سان گڏ فلمن ۽ ڪمرشلز ۾ ڪم ڪرڻ جو معاوضو وڌيڪ آهي.
ڀارتي شو ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ميزبان اداڪارا کان سوال ڪيو ته اوهان کي ۽ رنوير سنگهه کي بالي جي ”پاول ڪپل“ طور سڃاتو ويندو آهي، اوهان مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو معاوضو ڪيترو وٺندئو؟ جنهن جي جواب ۾ اداڪارا ٻڌايو ته هن جو مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو معاوضو وڌيڪ آهي.
رنوير سنگهه سان گڏ ڪم جو معاوضو وڌيڪ هجڻ جي حوالي سان دپيڪا پڊوڪون جو چوڻ هو ته ٻين مشهور جوڙن جيان هن جي رنوير جي وچ ۾ ڪو به عدم توازن ناهي، اهو ئي سبب آهي جو هن جو مڙس سان گڏ ڪم ڪرڻ جو معاوضو وڌيڪ آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ٻئي انوکو مقام رکون ٿا، گھڻو مشهور جوڙن وچ ۾ عدم توازن هوندو آهي پر اسان ۾ ائين ناهي، اسان ٻنهي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات هڪ جهڙي انداز ۾ ڪئي پر اڄ اسان کي پاڻ تي فخر آهي، اسان ميرٽ ۽ شرطن جي بنياد تي ڪاميابي حاصل ڪئي اها ئي شيءِ اسان کي انوکو بڻائي ٿي.
ڀارتي ميگزين موجب دپيڪا هڪ فلم جو معاوضو 12 کان 15 ڪروڙ رپيا وٺندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.