بلاول ڀٽو فوري عام چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سُپريم ڪورٽ جي نيب ترميمن بابت فيصلي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسان کي سُپريم ڪورٽ مان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي.

سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي جي ٻن ڏينهن تائين جاري رهندڙ اجلاس جي پڄاڻي تي پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نيب اسان لاءِ ڪا نئين شيءِ ناهي، نيب هڪ آمر طرفان جوڙيل ادارو آهي اِهو بند ٿيڻ گهرجي ۽ احتساب بنا فرق جي ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته سُپريم ڪورٽ مان اهڙي ئي فيصلي جي اميد هئي، گيلاني صاحب کان وٺي نيب جي ڪيسز پراڻي ۽ نئين قانون تحت ڀوڳيا آهن، ان فيصلي سان اسان کي ڪو فرق نه پوندو.

سندس چوڻ هو ته افتخار چوڌري کانپوءِ جيڪي به جج آيا انهن جي ڪارڪردگي تي تاريخ فيصلو ڪندي، وڪيلن جي تحريڪ جي نتيجي ۾ افتخار چوڌري طرفان بحال ڪيل ججن مان عمر عطا بنديال آخري جج هو.

بلاول ڀٽو ٻڌايو ته سي اي سي اجلاس ۾ سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران تي بحث ڪيو ويو جڏهن ته ٺهراءُ به منظور ڪيو ويو، سي اي سي چونڊن لاءِ سمورن فورمز تي آواز اٿارڻ جا اختيار ڏئي ڇڏيا آهن.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري، چونڊن جي حوالي سان حڪمت عملي چونڊن جي تاريخ کانپوءِ مناسب وقت تي سامهون رکنداسين.

پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي، اسان عوامي خدمتن جو جذبو رکون ٿا، انڪري ڪڏهن به مايوس ناهيون ٿيندا.

بلاول واضح ڪيو ته ليول پليئنگ فيلڊ جي شڪايت اسان کي هڪ سياسي جماعت سان آهي، انشاءَ الله سمورا مسئلا حل ٿي ويندا ته پوءِ سمورا معاملا اوهان جي آڏو رکندس.

هن چيو ته اسان جون چونڊن ۽ ٻين معاملن تي شڪايتون آهن اِهي ختم ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻول سان حل ڪرڻ جي ذميواري سي اي سي آصف زرداري کي ڏني آهي، باقي چونڊن جي حوالي سان اسان جا مطالبا سڀني جي سامهون آهن.

بلاول چيو ته نوَ مئي کان پهريان پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪرڻ جو حامي هيس ۽ چونڊن جي تاريخ تي اتفاق لاءِ ڪوشش ڪئي، ڪاش اسان جي جيڪا ڪوشش هئي ڪامياب ٿئي ۽ اهوئي سمورين سياسي ڌريون ۽ جمهوريت لاءِ بهتر ٿئي ها، پر پي ٽي آءِ جي ڪجهه ماڻهن نوَ مئي تي جي ايڇ ڪيو ۽ جناح هائوس سميت عسڪري ٺڪاڻن تي حملن جو پلان بڻايو.

هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي رڳو انهن سياستدانن سان ڳالهيون ڪندي جيڪي نوَ مئي ۾ ملوث نه هئا، نوَ مئي جو واقعو ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ وارو هو ۽ هاڻي اِهو سياسي يا انتظامي طور جيئن حل ڪرڻو آهي ڪيو وڃي، هن واضح ڪيو ته  ڳالهين لاءِ سمورين غير عسڪري سياسي تنظيمن لاءِ پ پ جا دروازا کُليل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.