ڊاڪٽرن مريض مان 5 ڪلو جي ڪينسر جي ڳوڙهي ڪڍي ورتي

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي ڊاڪٽرن آپريشن ڪري هڪ شخص جي ڪُلهي مان 5 ڪلو گرام وزني ڪينسر جي ڳوڙهي ڪڍي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 49 ورهين جو ڀارتي شهري ڪيول سنگهه ابوظهبي ۾ اليڪٽريشن آهي جيڪو ٻن ٻارن جو پيءُ به آهي.
ميڊيا جي رپورٽس موجب ڪيول سنگهه پنهنجي سڄي ڪُلهي ۾ سور ۽ سوڄ محسوس ڪئي انهيءَ ڪري کيس اٿڻ ويهڻ ۾ تڪليف به هئي، هن ابوظهبي جي براهين انٽرنيشنل اسپتال ۾ ڊاڪٽرز کان پنهنجو معائنو ڪرايو جن کيس ڪينسر جي ڳوڙهي جو ٻڌايو.
ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ڪيول سنگهه جي سرجري ڪري ڪينسر جي ڳوڙهي ڪڍڻ ۾ 3 ڪلاڪ لڳا ۽ هنن آپريشن ذريعي 20 سينٽي ميٽر جي ڳوڙهي ڪڍي ورتي.
جيري جي پيوندڪاري جي ماهر ڊاڪٽر گرشرن سنگهه چيو ته جيڪڏهن ان ڳوڙهي کي نه ڪڍيو وڃي ته اها مريض جي رت جي شريانين ۽ ٻنڌين کي سخت متاثر ڪري ها جيڪو موتمار ثابت ٿي سگھي ٿو.
ڊاڪٽر گرشرن چيو ته اهو هڪ گھڻو ئي غير معمولي ڪيس آهي ۽ ان کان اڳ هنن رڳو هڪ ڀيرو اهڙو ڪيس ڏٺو آهي پر هاڻي مريض بلڪل صحتمند آهي ۽ آپريسن جي 3 ڏينهن کان پوءِ ان کي گھر روانو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.