ڪاليج ۾ شاگردياڻيون وڙهي پيون، وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ڪاليج جون شاگردياڻيون وڙهي پيون جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
ڪاليج جي زندگي شاگردن يا شاگردياڻين لاءِ يادگار هوندي آهي ڇو جو ان دوران دوستن سان مستي مزاق ٿيندي رهندي آهي ۽ ڏند چڪ به ٿيندا آهن ۽ اهي ئي يادگيرون به بڻجي وينديون آهن.
پر ڇوڪرين وچ ۾ تڪرار ۽ جهيڙو به غير معمولي واقعو هوندو آهي.
سوشل ميڊيا تي ڪاليج جي ڪيمپس ۾ ٻن ڇوڪرين جي جهيڙي جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هنن کي هڪ ٻئي کي چماٽون هڻندي ڏسي سگھجي ٿو.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڇوڪريون هڪ ٻئي کي ماري رهيون آهن ان دوران هڪ شخص اچي ٿو جيڪو انهن ٻنهي جو جهيڙو ختم ڪرائي ڇڏي ٿو.

سوشل ميڊيا واهپيدارن ٻڌايو ته ”ڄاڻايل واقعو اميٽي يونيورسٽي نوئيڊا ۾ پيش آيو“.
شاگردياڻين جي جهيڙي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدار ان تي دلچسپ تبصرا به ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.