ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر بيٽر افتخار احمد ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا خلاف سخت مقابلي ۽ آخري اورو کان اڳ ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر زمان خان جي ڳالهه ٻول خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تي افتخار احمد جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هو چئي رهيو آهي ته تمام سخت مقابلو هو ۽ جنهن قسم جي صورتحال ۾ اسان اچي ويا هئاسين سڀ ڇوڪرا پراعتماد هئا.
.@IftiMania reflects on the narrow defeat to Sri Lanka and the spirited display by the bowlers 🗣️#PAKvSL | #AsiaCup2023 pic.twitter.com/JLnMCiWOWn
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) September 15, 2023
افتخار احمد پنهنجي ڳالهه جاري رکندي ٻڌايو ته خاص طور ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ زمان خان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آخري اوور ۾ ڇهن بالن تي ست رنسون به هونديون ته بچائيندس.
سندس چوڻ هو ته ڪرڪيٽ ۾ هار کٽ ٿيندي رهندي آهي، پر سريلنڪا کي ٻن بالن تي ڇهه رنسون گهربل هيون ۽ ڪٽ لڳي چڪو ٿي ويو، منهنجي خيال ۾ هو ڀاڳ وارو هئا ۽ اسان بدنصيب.