ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ايشيا ڪپ دوران انجريز جو شڪار ٿيندڙ فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي صحتيابي ۽ ايندڙ مهيني کان شروع ٿيندڙ عالمي ڪپ ۾ شرڪت بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.
قومي ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ نسيم شاهه ڀارت خلاف ميچ ۾ انجريز جو شڪار ٿي ويا هئا، حارث رئوف پاسيرين ۾ تڪليف سبب ڀارت خلاف پنهنجي اوورز جي ڪوٽا به مڪمل نه ڪري سگهيو هو جڏهن ته نسيم شاهه ڪلهي جي انجري سبب ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿي ويو هو.
ان ڏس ۾ هاڻي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم جو چوڻ آهي ته ٻئي فاسٽ بالر عالمي ڪپ ۾ ڇهه آڪٽوبر تي نيڌرلينڊز خلاف ميچ کان اڳ مڪمل فٽ ٿي ويندا.
بابر اعظم کان جڏهن حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي غير موجودگي ۾ ٻئي پلان بابت پڇيو ويو ته هن واضح جواب ڏيڻ بدران رڳو ايترو چيو ته اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس.
بابر اعظم جو چوڻ هو ته پنهنجو پلان بي اوهان نٿو ٻڌائي سگهان پر اِهو ضرور چوندس ته حارث رئوف جي انجري ڪائي وڏي نه آهي ۽ هو ورلڊ ڪپ کان اڳ مڪمل فٽ ٿي ويندو.
نسيم شاهه جي حوالي سان بابر اعظم جو چوڻ هو ته اِها خبر ناهي ته نسيم شاهه ڪيستائين فٽ ٿي ويندو پر مون کي اميد آهي ته هو به ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جو حصو هوندو.