سريلنڪا هٿان شڪست، ذميوار ڪير؟ بابر اعظم ٻڌائي ڇڏيو

ڪولمبو( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا هٿان شڪست جو ذميوار بالنگ ۽ فيلڊنگ کي قرار ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن کيڏيل پاڪستان برسات سبب متاثر مقابلي ۾ سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 42 اوورن ۾ 252 رنسن جو هدف ڏنو پر پاڪستاني بالر هدف جو دفاع ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ سريلنڪا گهربل هدف 42 هين اور جي آخري بال تي اٺ وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته سريلنڪا تمام سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، اسان جي بالنگ ۽ فيلڊنگ خراب رهي.

هن چيو ته مڊل اوورز دوران اسان جي بالرن سٺي بالنگ نه ڪئي، شروعات سٺي هئي ۽ پڄاڻي به پر راند جا وچ وارا اوورز ۾ اسان سٺو پرفارم نه ڪري سگهياسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.