ڪوئيٽا: فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، هڪ فوجي جوان شهيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ صوبيدار شهيد ۽ ٽي دهشتگرد مارجي ويا آهن.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 14 سپٽيمبر جي شام ڪوئيٽا جي علائقي ولي تُنگي ۾ دهشتگردن ۽ سيڪيورٽي فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن ۽ فورسز وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا، فائرنگ ۾ صوبيدار قيصر رحيم شهيد ٿي ويو، جڏهن ته هڪ سپاهي به سخت زخمي ٿي پيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.