” اليڪشن ڪميشن مُلڪي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو باب رقم ڪري ڇڏيو“

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن خلاف درخواست خارج رد ڪري ڇڏي.

اسحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن بابت اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن جو معاملو التوا هيٺ آهي.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 206، 209 ۽ 210 تحت سياسي جماعت کي رجسٽرڊ ڪيو ويندو آهي، استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ استحڪام پاڪستان تحريڪ جي نالن ۾ واضح فرق آهي انڪري استحڪام پاڪستان پارٽي جو نالي خلاف درخواستون خارج ڪيون وڃن ٿيون.

فيصلي موجب، استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن جو عمل اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، استحڪام پاڪستان پارٽي جي رجسٽريشن کانپوءِ چونڊ نشان الاٽ ڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي استحڪام پاڪستان تحريڪ جي نائب صدر ايمن جاويد سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن مُلڪي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪاري باب رقم ڪري ڇڏيو آهي ، اليڪشن ڪميشن اسان جي درخواست کي نه رڳو رد ڪيو پر اليڪشن ايڪٽ جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

هن سوال اُٿاريندي چيو ته استحڪام پاڪستان پارٽي ۽ استحڪام پاڪستان تحريڪ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟.

هن وڌيڪ چيو ته اسان فيصلي کي اعليٰ عدليا ۾ چئلينج ڪنداسين، پاڪستان جي سياست ۾ شوگر مافيا جو راڄ نه هلندو، اسان جو منشور هن ملڪ جو استحڪام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.