نگران حڪومت گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، پي آءِ اي اثاثن جي نجڪاري جو عمل شروع

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران حڪومت طرفان گرين سگنل ملندي ئي نجڪاري ڪميشن پي آءِ اي اثاثن جي نجڪاري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو

نجڪاري ڪميشن روز ويلٽ هوٽل جي نيلامي بابت فنانشل ايڊوائز جي مقرريءَ لاءِ دلچسپي رکڻ وارن فرمن کان نوَ آڪٽوبر تائين آڇون طلب ڪري ورتيون آهن.

ذريعن موجب، نجڪاري ڪميشن روز ويلٽ هوٽل جي نيلامي بابت فنانشل ايڊوائز لاءِ آڇ طلب ڪندي هدايت ڪئي آهي ته روز ويلٽ هوٽل جي فنانشل ايڊوائزري لاءِ دلچسپي رکندڙ فرمز نوَ آڪٽوبر تائين هڪ هزار ڊالر فيس سان گڏ درخواستون جمع ڪرائين.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل کي سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي، روز ويلٽ لاءِ فنانشل ايڊوائزر طور درخواستون ڏيڻ لاءِ ٽيڪنيڪي دستاويز نجڪاري ڪميشن جي ويب سائيٽ تي موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.