ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا در فشان بواءِ فرينڊ ۽ لاڳاپن جي حوالي سان اهڙو بيان ڏنو هو جو سڀني جون دليون کٽي ورتيون اٿائين.
اداڪارا درفشان سليم جي ماضي ۾ ڏنل هڪ انٽرويو جي ڪلپ سامهون آئي آهي جنهن ۾ کيس پاڪستاني تهذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان پاڪستاني عورتن جي دوستي ۽ لاڳاپن بابت ڳالهائيندي نظر اچي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عورتن جو ڪو بواءِ فرينڊ نٿو ٿي سگهي.
اداڪارا چيو ته پاڪستاني عورت جوبواءِ فرينڊ ناممڪن آهي، ان لاءِ جيڪڏهن ڪا به ڇوڪري ڪنهن نوجوان کي پسند ڪري ٿي ته ڪنهن رشتي ۾ ڳنڍجڻ کان اڳ نڪاح ڪري.