وقت کان اڳ پوڙهو ٿيڻ کان بچڻ چاهيو ٿا هن عادت کان بچو؟

ڇا اوهان پاڻ کي وقت کان اڳ پوڙهو ٿيڻ کان بچائڻ چاهيو ٿا؟ ته سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏيو.
سگريٽ ڇڪڻ سان رت جي اڇن جزن جي ڪروموسومز کي نقصان پهچندو آهي جنهن سان پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.
اها تنبيهه چين ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق م سامهون آئي.
هوانگزو نارمل يونيورسٽي جي ان تحقيق ۾ لڳ ڀڳ 5 لک ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن جي ڪروموسومز ۾ موجود ٽيلوميئرز جي ڊيگهه گھٽجي ويندي آهي.
واضح رهي ته ٽيلوميئرز ڪروموسومز جا اهڙا حفاظتي (caps) هوندا آهن جيڪي ڊي اين اي کي نقصان کان بچائيندا آهن.
جيڪڏهن ٽيلوميئرز جي ڊيگهه ننڍ ٿي وڃي ته پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي.
تحقيق ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سگريٽ ڇڪڻ سان پوڙهائپ ڏانهن سفر تيز ٿي ويندو آهي جڏهن ته ان عادت کي ڇڏي ڏيڻ سان ان کي خطري کي گھٽائي سگھجي ٿو.
ان کان اڳ به تحقيقي رپورٽس ۾ سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ۽ ٽيلوميئرز جي ڊيگهه ۾ گھٽتائي وچ ۾ واسطي بابت ٻڌايو ويو آهي.
پر ان نئين تحقيق ۾ ان حوالي سان ٺوس شاهديون پيش ڪيون ويون آهن.
تحقيق دوران سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن، ان عادت کي ڇڏي ڏيندڙن ۽ ان عادت کان شروع کان پري رهندڙن جي رت جي نمونن جو جائزو رتو ويو.
نتيجن مان خبر پئي ته سگريٽ ڇڪڻ جي عادي ماڻهن جي ڪروموسومز کي نقصان پهچي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ جلد پوڙهو ٿيڻ جو خطرو وڌي ٿو، جڏهن ته ان عادت کي ڇڏي ڏيڻ سان اهي اثر ريورس ڪرڻ ممڪن آهن.
محققن ٻڌايو ته سگريٽ ڇڪڻ سان ٽيلوميئرز جي ڊيگهه تي به نمايان ناڪاري اثر پون ٿا.
سندن چوڻ هو ته تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٽيلوميئرز جي ڊيگهه گھٽجڻ سان ڪيترائي مرض جهڙوڪ شگر، پٺن جي ڪمزوري ۽ دل جي مرضن جو خطرو وڌي ٿو.
ان تحقيق جا نتيجا European Respiratory Society International Congress ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.