لوڻ گهٽ ڪرڻ بلڊ پريشر جي دوا جيترو اثرائتو قرار

ٽينيسي: (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين مطالعي مان خبر پئي آهي ته روزانو لوڻ هڪ چمچ تائين گھٽائڻ بلڊ پريشر جي دوا جيترو اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.

نيشويل، ٽينيسي، يو ايس اي ۾ ويندربلٽ يونيورسٽي ميڊيڪل سينٽر جي محققن، سوين مريضن تي وڌيڪ ۽ گهٽ لوڻ واري غذا جي اثرن جو مطالعو ڪيو.

انهن مان ڪجهه ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر ۾ مبتلا هئا، جڏهن ته جيڪي ماڻهو هر روز ڪنهن مخصوص ڪمپني جو سوپ نه پيئندا هئا انهن جو بلڊ پريشر هڪ هفتي اندر ڇهه سيڪڙو گهٽجي ويو.

بلڊ پريشر ۾ اها گهٽتائي thiazide diuretic hydrochlorothiazide (هڪ مشهور بلڊ پريشر دوا) جي اثر جيتري هئي.

لوڻ اسان جي جسم ۾ پاڻي جي مقدار کي وڌائي ٿو، يعني لوڻ جي مقدار ۾ گهٽتائي سان پاڻي جي مقدار ۾ به گهٽتائي اچي ٿي ۽ نتيجي طور رت جي نالين تي دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو، جنهن جي ڪري رت جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو.

هاءِ بلڊ پريشر دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ عام دائمي بيماري آهي، جيڪا 1.3 بلين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪري ٿي.

اها حالت دل، دماغ ۽ گردن جي بيماري لاء هڪ وڏو خطرو آهي.

طب جي اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ريسرچ جي سربراهه ڊاڪٽر ديپڪ گپتا جو چوڻ آهي ته تحقيق مان خبر پوي ٿي ته هڪ هفتي اندر توهان فوري نتيجا ڏسي سگهو ٿا ۽ توهان کي بلڊ پريشر جي دوا جيترو اثر ڏسڻ ۾ ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.