ڊي آءِ خان (ويب ڊيسڪ) پوليس اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير کي وري گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب اڳوڻي ايم اين اي علي وزير کي ڪوئيٽا مان ايندي دره زنده ڀرسان گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته علي وزير تي ادارن خلاف تقرير ۽ امن ۾ خلل وجهڻ جا ڪيس داخل آهن.
واضح رهي ته علي وزير کي 20 سيپٽمبر 2023 ۾ ضمانت تي اڊيالا جيل مان آزاد ڪيو ويو هو، سندس خلاف اسلام آباد جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل هئا.
You might also like