نمبرن بدران گريڊ ڏنو ويندو: ملڪ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر ۾ گريڊ سسٽم متعارف

انٽر بورڊز ڪوآرڊينيشن ڪميشن (آءِ بي سي سي) سڄي ملڪ ۾ گريڊ سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو.
آءِ بي سي سي تحت ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن ۾ گريڊ سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، آءِ بي سي سي چيئرمين غلام علي ملاح موجب 2024 ۾ نائين ۽ يارهين جماعت جي شاگردن کي نمبرن بدران گريڊ ڏنو ويندو.
هن چيو ته سڄي دنيا ۾ گريڊ سسٽم موجود آهي، ٻارن کي نمبرن جي ڊوڙ مان ڪڍي سٺي تعليم ڏيڻي آهي، نمبرز سسٽم جو متبادل گريڊنگ سسٽم شاگردن لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.