”لاڳاپا ته پنجن سالن کان هئا، ٻارن جي خواهش تي شادي ڪئي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ڪرينا ڪپور چيو آهي ته شادي ان وقت ضرور ڪرڻ گهرجي جڏهن ڪنهن کي ٻارن جي خواهش هجي.

هن پنهنجو مثال ڏنو ته سيف علي خان سان شادي کان اڳ پنج سالن تائين سندس لاڳاپا هئا ۽ پنهنجي لاڳاپن کي هن ان وقت ٻئي رشتي ۾ تبديل ڪيو جڏهن کيس ٻارن جي خواهش ٿي.

هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سندس زندگي ٻن ٻارن، مڙس ۽ ويجهن دوستن ۽ گهرڀاتين سان بهترين گزري رهي آهي.

اداڪارا دعويٰ ڪئي ته هو 43 سالن جي ٿي چڪي اهي ۽ هو بن ٻارن جي ماءُ اهي پر ان جي باوجود اڄ به پرڪشش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.