اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مهانگائي جي ماريل عوام تي هڪ ٻيو بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري مڪمل آهي.
نيپرا ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2023 جي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ٿي وئي.
نيپرا بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.
نيپرا اختيارين موجب درخواست تحت ٽن مهينن لاءِ في يونٽ هڪ رپيو 25 پئسا واڌ ٺهي ٿي، فيصلو پوءِ جاري ڪيو ويندو.
واضح رهي ته بجلي ڪمپنين 22 ارب 92 ڪروڙ رپيا وصولي جي درخواست ڪئي آهي.
You might also like