ماڻهن جي بوءِ سنگهي وٺندي آهيان: صبا قمر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور اداڪارا ۽ ماڊل صبا قمر چيو آهي ته هوءَ صفائي جي معاملي تي ڪا به سوديبازي ناهي ڪندي، ڪروڙن جون شيون به ڇڏي هلي ويندي پر صفائي تي سوديبازي نه ڪندي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي هڪ خراب عادت آهي جيڪڏهن ڪو شخص منهنجي ڀرسان گذرندو ته آئون ان جي خوشبو محسوس ڪندي آهيان.
هڪ انٽرويو ۾ هن پنهنجي عادتن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن مون کي بوءِ اچي ته آئون ڪنهن به ڊزائين جا ڪپڙا ناهن پهريندي، منع ڪري ڇڏيندي آهيان ڇو جو آئون صفائي ۽ صحت جو خيال رکڻ بابت ڪو به ڪمپرومائز نٿي ڪري سگھان.
هن چيو ته گھڻو ڪري ائين ٿيندو آهي ته ماڻهو سيٽ تي ڊزائنر وٽ اچي ڪپڙا پهري ڇڏيندا آهن پر آئون ائين ناهيان ڪندي.
صبا قمر جو چوڻ هو ته اهي منهنجا نخرا ناهن پر بنيادي اصول آهن ۽ آئون چاهيندي آهيان ته منهنجي زندگي ۾ شامل مرد به صاف سٿرو هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.