”جيل ۾ پرويز الاهي جي هوا بند ڪئي وئي آهي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي صدر چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل سردار عبدالرزاق چيو آهي ته پرويز الاهي کي جيل ۾ سهولتون ڏيڻ بدران سختيون وڌايون پيون وڃن.
چوڌري پرويز الاهي سان سندس وڪيل اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي، پرويز الاهي وڪيل کي صورتحال کان آگاهه ڪيو.
ملاقات کانپوءِ وڪيل سردار عبدالرزاق ٻڌايو ته پرويز الاهي جي سيل اڳيان ڀت ٺاهي روشني ۽ هوا بند ڪئي وئي آهي، کيس گرمي ۽ ٻوسٽ ۾ رکي پريشان ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پرويز الاهي کي واڪ ڪرڻ جي به اجازت نه پئي ڏني وڃي، ان معاملي تي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.