بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪرپشن تي هاءِ پروفائيل ڪارپوريٽ سربراهه وانگ بن کي مهلت سان موت جي سزا ڏني وئي آهي.
ڇيني ميڊيا جي رپورٽس موجب ڪميونسٽ پارٽي جي اڳوڻي سربراهه ۽ چائنا لائف انشورنس جي اڳوڻي چيئرمين وانگ بن کي تقريبن 325 ملين يو آن رشوت وٺڻ ۽ تقريبن 56.4 ملين يو آن پرڏيهي ملڪ ڊپازٽ لڪائڻ جي ڏوهه ۾ اڱاري ڏينهن ٻن سالن جي مهلت سان گڏ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
ٻه سال مهلت ختم ٿيڻ بعد وانگ جي موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويندو، شينڊونگ صوبي جي عدالت جي جاري ڪيل فيصلي موجب عمر قيد جي دوران وانگ بن پيرول يا سزا ۾ گھٽتائي جو اهل نه هوندو.
عدالت وانگ بن کي تاحيات سياسي حقن کان به محروم ڪري ڇڏيو آهي، سندس سمورا اثاثا به ضبط ڪيا ويا آهن. عدالتي فيصلي ۾ اهو ناهي ٻڌايو يوو ته وانگ ان فيصلي جي خلاف اپيل ڪري سگھي ٿو يا نه.
چيني صدر شي جن پنگ مالياتي شعبي ۾ ڪرپشن جي خلاف جيڪو ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي ان ۾ اها پهرين هاءِ پروفائيل سزا آهي.
You might also like