ڪرڪيٽ قانون تبديل، ڀڃڪڙي تي ڳرو ڏنڊ لڳندو

ڪينبرا ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ آسٽريليا، آسٽريلوي بيٽرز لاءِ ڪنڌ جي پروٽيڪٽر جو استعمال لازمي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا پليئنگ ڪنڊيشنز ۾ تبديليون ڪري ڇڏيون جنهن موجب، عالمي ۽ علائقائي ڪرڪيٽ ۾ سمورن بيٽرز کي هيلمٽ سان گڏ ڪنڌ تي بال لڳڻ کان بچائڻ وارو پروٽيڪٽر لازمي پهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب، نوان قانون پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندا، نئين قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ رانديگرن تي ڏنڊ هنيو ويندو، ڪرڪيٽ آسٽريليا جي ان فيصلي سان ڪيئي رانديگر متاثر ٿيندا.

آسٽريلوي رانديگر عثمان خواجا، ڊيوڊ وارنر ۽ اسٽيو سمٿ پهريان ئي پروٽيڪٽر استعمال ڪرڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن.

موجودا وائٽ بال جي آسٽريلوي اسڪواڊ ۾ ٽِم ڊيوڊ، جوش انگلس به حفاظتي پروٽيڪٽر جو استعمال ناهن ڪندا.

ڪرڪيٽ آسٽريليا فِل هيوز جي لاڏاڻي کانپوءِ هيلمٽ سان گڏ پروٽيڪٽر جي استعمال جي تجويز ڏني هئي، فل هيوز جي علائقائي ميچ دوران ڪنڌ تي بال لڳڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو هو.

ڪرڪيٽ آسٽريليا حفاظتي پروٽيڪٽر سميت نئين سيزن جي پليئنگ ڪنڊيشنز لاءِ 12 تبديليون ڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.